دوستن ڪڏهن به منهنجو نالو غلط استعمال ناهي ڪيو: ٽيلر سوئفٽ

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ جي پاپ اسٽار ٽيلر سوئفٽ پنهنجي دوستن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سندس دوستن ڪڏهن به سندس نالي جو استعمال نه ڪيو آهي. ٽيلر سوئفٽ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو تهسندس

گهڻا ويجها دوست آهن، جن ۾ سيلينا گومز، گيگي حديد ۽ڪارلي ڪلاس اهم آهن پر انهن سڀني سماج ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ ڪڏهن به کيس استعمال ناهي ڪيو ، هن چيو ته انهن ماڻهن سان هن پنهنجن پيشيور معاملن کي اڪلائڻ لاءِ مشورا ورتا ۽ سندن هدايتن تي عمل ڪيو. ٽيلر سوئفٽ چيو ته هوءَ دوستن جي راءِ جو بيحد احترام ڪندي آهي ۽ انهن ۾ اميد آهي ته جيڪڏهن انهن کي سندس ڪو گانو پسند نه ٿو اچي ته اهي کليل نموني ان تي تنقيد ڪري سگهن ٿا ۽ کيس ٻڌائي سگهن ٿا ته اهو گانو نه ڳاءِ. ياد رهي ته ٽيلر سوئفٽ ميوزڪ انڊسٽري جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ اداڪاره آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *