دوداپور: اوڍا ۽ جکراڻي برادري ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 7 زخمي

دوداپور (م.ڊ) دودا پور ويجهو اوڍا ۽ جکراڻي خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان فائرنگ سبب اوڍا برادري جا 3 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا جڏهن تھ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. تاجو ديرو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شير خان اوڍو ۾ اوڍا ۽ جکراڻي برادري ۾ ڪرڪيٽ جي معمولي ڳالھه تان شروع ٿيل تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو. جکراڻي برادري جي ماڻھن ڳوٺ شير خان اوڍو تي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ صوبدار علي، ضمير حسين عرف حاجن اوڍو ۽ نادر علي اوڍو مارجي ويا.  فائرنگ جي نتيجي ۾ عامر اوڍو، آزاد اوڍو، مزمل اوڍو، لعل بخش اوڍو، گل محمد اوڍو ۽ ھڪ نينگري ثناءِ سخت زخمي ٿي پئي. ان موقعي تي  زخمي عامر علي اوڍي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  جکراڻي برادري جي ھٿياربندن  ماڻهن صبح سوير سندن  ڳوٺ شير خان اوڍو تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي. هن ٻڌايو تھ  فائرنگ جي نتيجي ۾ سندن ٽي ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا جڏهن تھ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هوڏانهن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاني منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن تھ ڌريون پڻ مورچابند ٿي ويون آهن ۽ ٽن ڄڻن جي مارجي وڃڻ بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *