دهشگردي خلاف جنگ اسان کي ئي وڙهڻي آهي ٻاهران اچي ڪير نه وڙهندو: قائم علي شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پشاور جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي انهن کي زبر دست خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جا شاگرد، استاد ۽ اسٽاف ميمبرن جي شهادت دهشتگردن جي خلاف پوري قوم کي وڌيڪ مضبوط بنايو آهي اڄ ملڪ جا سڀئي ادارا سماجي ۽ سياسي طبقو دهشتگردي جي خلاف گڏيل طور تي جنگ وڙهي رهيو آهي جيڪا اسان هر صورت ۾ کٽنداسين هن چيو ته دهشتگردي نه صرف نه صرف ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي پر ماڻهن جي جان ۽ مال جي لاءِ به هڪ وڏو خطرو ۽ چيلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر هڪ کي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي هن جنگ ۾ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.وڏي وزير چيو ته دهشگردي جي خلاف جنگ اسان کي ئي وڙهڻي آهي باهران اچي ڪير نه وڙهندو ان ڪري اسان سڀني کي پنهن جو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وڏي وزير چيو ته اسان ته سيپٽمبر2013 کان دهشتگردي جي خلاف جنگ شروع ڪري ڇڏي هئي ۽ هاڻ نيشنل ايڪشن پلان ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهيون ۽ انشاالله معصوم شهرين جي قاتلن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي مظلومن کي انصاف فراهم ڪنداسين . سيد قائم علي شاهه واضع ڪيو ته ملڪ ۾ باقي دهشتگردن جي خلاف انهن جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. هن چيو ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سنجيده آهيون ان جو نادازو ان ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ پوليس جي سالياني بجيٽ 60 ارب روپين تائين وڌايو ويو آهي جڏهن ته گذريل سال ته 5 ارب روپيا آئوٽ آف ٽرن بجيٽ به ڏنو ويو هو پوليس کي . وڏي وزير آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اڄ سومر جي ڏينهن انهن جي چاليهي جي موقعي تي سنڌ صوبي ۾ سڀني سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۽ سرڪاري افيسن ۽ پارٽي جي آفيسن ۾ دعائن جي لاءِ تقريبون ٿينديون هن چيو ته سڀني مشنري اسڪولن ۾ 5 منٽن جي لاءِ خاموشي ۽ پي پي جي آفيسن ۾ قرآن خواني ڪئي ويندي . وڏي وزير پشاور سانحي جي شهيدن کان علاوه آرمي جي جوانن، رينجرز ۽ پوليس جي جوانن کي به زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي عظمت کي سلام پيش ڪيو هن چيو ته اسان جي نوجوانن جون اهي قربانيون ضرور رنگ لائينديون ۽ اهي ڏينهن پري ناهن جو اسان جو هي ملڪ امن جو گهوارو بڻبو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *