دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجي بزدلاڻي ڪارروائين ۾ ڪامياب نه ٿيندا: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ پوليس تي دهشتگردن جي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 5 اهلڪار شهيد ٿيا آهن بلاول ڀٽو زرداري جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجي بزدلاڻي ڪارروائي ۾ ڪامياب نه ٿيندا پاڪستاني عوام ۽ قانون نافذ ڪندڙ ايجنسيون پاڪستان کان دهشتگردي جي جڙ ختم ڪرڻ کان اڳ سڪون سان نه ويهندا پ پ پ جي چئرمين شهيد اهلڪارن جي خاندان سان گهري ڏک جو اظهر ڪندي چيو ته هو ان جي ڏک کي سمجهي ٿو هن چيو ته اسان سڀ سڀني کي ملڪ ۾ خوشحالي امن آڻڻ لاءِ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي جڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ ملي ڪري ويهڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *