دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ڪارروائين جي ذريعي بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي انفارميشن صلاحڪار مولابخش چانڊيو پشاور ۾ سرڪاري بس ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪئي اهي ۽ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي سخت ڏک جو اظهار ڪيو آهي اربع تي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ مولابخش چانڊيو چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ڪارروائين جي ذريعي بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائي رهيا آهن سرڪاري ملازمن تي دهشتگرد حملو نهايت مذمت جوڳو آهي هن چيو ته دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ قومي سلامتي جا ادارا ڀرپور ڪم ڪري رهيا آهن پوري قوم انهن سان گڏ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *