دهشتگرد قوم جي همت ۽ حوصلي کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي مرڪزي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه هڪ بيان وسيلي لاهور ۾ عيسائي برادريءَ جي مذهبي هنڌن تي ٿيل بم ڌماڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستاني قوم جي همت ۽ حوصلي کي ڪنهن ريت ڪمزور نه ٿا ڪري سگھن. پاڪستان قوم دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت متفق آهي ۽ عوام پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. لاهور ۾ ٿيل دهشتگرديءَ واري واقعي جي سينيٽر اسلام الدين شيخ، ايم پي اي سيد ناصر حسين شاهه، واپاري ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ مذمت ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *