دهشتگرد آئين ۽ قانون کي نٿا مڃن: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد پشاور ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي ٿيل حملي دوران مارجي ويل ماڻهن جي وارثن سان همدردي ڪندي چيو ته سيڪيورٽي اهلڪار دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏئي رهيا آهن، دهشتگرد ڪنهن آئين ۽ قانون کي نٿا مڃن. وفاقي وزير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪريون ٿا، اتروزيرستان ۾ پاڪ فوج جو آپريشن جاري آهي، دهشتگرد پنهنجي انجام تي پهچندا. هن چيو ته حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي ذيان تي افسوس آهي، حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏنل قربانيون رائيگان نه وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *