دهشتگردي ۽ توانائي بحران ملڪ جا سڀ کان وڏا مسئلا آهن: نواز شريف

چنيوٽ(م.ڊ) زيراعظم نواز شريف چيو آهي ته  دهشتگردي ۽ توانائي بحران ملڪ جا سڀ کان وڏا مسئلا آهن، جن کي ايندڙ ٽن سالن اندر حل ڪيو ويندو. چينيوٽ ۾ معدني ذخيرن جي هٿ اچڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪاش ماضي ۾ دهشتگردي خلاف اثرائتو ڪم ٿئي ته عوام کي ههڙا ڏينهن ڏسڻا نه پون ها. هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ان ڏس ۾ بنيادي ڪردار آهي. نواز شريف چيو ته ملڪ جو ٻيو وڏو مسئلو توانائي بحران آهي، جنهن تي ضابطي لاءِ ايران ۽ چائنا سميت ٻين ملڪن کان مدد ورتي پئي وڃي. پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بعد عوام کي فائدو ۽ حڪومت کي نقصان ٿيو آهي، پر وفاقي سرڪار عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. چينيوٽ ۾ معدني ذخيرا هٿ اچڻ تي وزيراعظم قوم کي مبار ڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هٿ آيل ذخيرا ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيندا. ان کان اڳ چنيوٽ پهچڻ تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف وزيراعظم نواز شريف جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف کي ناليواري سياستدان ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند پاران بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني جي وفد پڻ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم کي بريفنگ ڏني منصوبي تي ڪم 2 جولاءِ 2014 ڪم شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ چين ۽ جرمني جون ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هٿ آيل ذخيرا ٽيسٽ لاءِ سوئيٽزلينڊ جي ليبارٽري موڪليا ويا، جنهن به تصديق ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *