دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف جنگ جاري رهندي: قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف جنگ بندي جاري رهندي. تفصيل موجب وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بچاءُ واري وزير خرم دستگير، پرڏيهي وزير خواجه آصف، گھرو وزير احسن اقبال ۽ ناڻي واري مملڪتي وزير راڻا افضل سميت چيئرمن جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪيمٽي ۽ ٽنهي فوجي ادارن جا سربراهه شريڪ ٿيا. قومي سلامتي ڪميٽي کي عالمي ۽ علائقي جي صورتحال ۽ خاص خطي جي ملڪن سان گڏ لاڳاپن تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته پرڏيهي وزير خواجه آصف روس سان ڪامياب دوري جا تفصيل ٻُڌائيندي چيو ته ٻئي ملڪ هر شعبي ۾ ٻه طرفي لاڳاپا وڌائڻ جا خواهشمند آهن. ڪميٽي پرڏيهي پاليسي جي فريم ورڪ جي بحالي ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي ڌياڻ ڏيڻ تي اتفاق ڪرڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ دوست ملڪن سان اقتصادي شرڪت داري وڌائڻ ۽ مفاد تي ٺهيل سهڪار تي به اتفاق ڪيو جڏهن ته سي پيڪ جي اهميت کي به ورانيو ويو ته ان جي ثمرن سان پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي. قومي سلامتي ڪميٽي افغانستان سان گڏ موثر بارڊر مينجمنٽ ۽ وقار سان گڏ افعان پناهگيرن جي واپسي تي زور ڏيندي چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. ڪميٽي ايل او سي تي ڀارت طرفان فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي چيو ته  ڀارت فائربندي جي ڀڃڪڙين جي ذريعي ولاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ چاهي ٿو.ڪميٽي پاڪستاني عوام جي مفاد ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ جاري رکڻ تي به اتفاق ڪندي چيو ته قومي مفاد ۾ اختيار ڪيل پاليسين تي عمل درآمد جاري رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *