دهشتگردي کي پوري طرح ختم ڪرڻ واري ارادي هيٺ ڀارت سان رابطي ۾ آهيون: پڌر نامو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ ايپڪي ڪميٽي جي اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خا، ناڻي واري صوبائي وزير اسحاق ڊار،پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف،ڊي جي آئي ايس آئي ليفٽننٽ جنرل رضوان اختر،خاص صلاحڪار سرتاج عزيز،قومي سلامتي جو صلاحڪار ناصر جنجوعا،خاص سهڪاري صلاحڪار طارق فاطمي ۽ بيون اعليٰ اختياريون شامل هيون.اجلاس دوران اهم ملڪي معاملن،نيشنل ايڪشن پلان،پٺاڻ ڪوٽ حملي ۽ سعودي عرب ۽ ايران ڇڪتاڻ کانسواءِ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اجلاس جي دوران شامل اعليٰ اختيارين ڀارتي ائيربيس پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.وزيراعظم هائوس پاران ايپڪس ڪميٽي جي جاري پڌرنامي مطابق پٺاڻ ڪوٽ واقعي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ۽ ڀارت پاران ڏنل ڄاڻ ۽ شروعاتي جاچ جي سوجهري ۾  حملي ۾ ملوث ڏهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم جيش محمد سان آهي،جڏهن ته شروعاتي ڄاڻ مطابق پابندي مڙهيل تنظيم جيش محمد جي ڪيترن ئي ميمبرن کي گرفتار ڪري ،انهن جون آفيسون سيل ڪيون ويون آهن.پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي کي پوري طرح ختم ڪرڻ واري ارادي هيٺ ڀارت سان رابطي ۾ آهيون ۽ حڪومت هڪ خاص جاچ ٽيم کي پٺاڻ ڪوٽ موڪلڻ بابت غور ڪري رهي آهي،جنهن کي ڀارت جي حڪومت سان مشورا ڪرڻ کانپوءِ پٺاڻ ڪوٽ موڪليو ويندو،جڏهن ته پاڪستان ڀارت کان وڌيڪ ڄاڻ گهري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *