دهشتگردي کي پاڙان پٽيو ويندو،گرفتار جوابدار هاءِ پروفائل ڪاررواين ۾ ملوث آهن: وڏو وزير

ڪراچي (م.ڊ/اين اين آءِ)قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪراچي ۾ امجد صابري قتل ڪيس، ناظم آباد مجلس حملي، ملٽري پوليس اهلڪارن جي قتل ڪيس سميت چئن هاءِ پروفائل ڪيس حل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سي ٽي ڊي پوليس موجب ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ هفتو کن اڳ مجلس تي ٿيل حملي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا آهن. گرفتار جوابدارن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ آيو آهي. جڏهن ته ناليواري قوال امجد فريد صابري جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار به گرفتار ڪيا ويا آهن.  هوڏانهن پوليس اهلڪارن ۽ ملٽري پوليس جي اهلڪارن جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار پڻ گرفتار ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته شهر جون حالتون خراب ٿيڻ تي ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن، جوابدار هاءِ پروفائل ڪيسن ۾ ملوث آهن. سي پي او آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته لياقت آباد مان ٻن ڏوهارين اسحاق عرف بوبي ۽ عاصم عرف ڪيپري کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ آيا آهن. جوابدارن ناظم آباد ۾ مجلس عزا تي به حملو ڪيو، ملٽري پوليس جي ٻن اهلڪارن، اورنگي ۾ 7 پوليس اهلڪارن، اتحاد ٽائون ۾ چئن رينجرز اهلڪارن جي قتل ۾ به ساڳيا جوابدار ملوث آهي، جڏهن ته امجد صابري کي به ساڳي ئي گينگ قتل ڪيو ۽ عبدالوحيد ايڊووڪيٽ جي قتل ۾ ساڳيا جوابدار ملوث آهن. هن چيو ته گرفتار گينگ 9 هاءِ پروفائل ڪيسن سميت 28 وارداتن ۾ ملوث هئي، جن ۾ استعمال ٿيل هٿيار سمورين ڪاررواين ۾ استعمال ڪيل هٿيارن سان ميچ ٿيا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته دهشتگردن جو واسطو لشڪر جهنگوي نعيم بخاري گروپ سان آهي. اسان کي جتي شڪ آهي، اتي گرفتاريون ڪري رهيا آهيون، بي گناهه ماڻهن کي ڇڏي ڏيندا آهيون. هن چيو ته اسان پنهنجي اڳواڻ بينظير ڀٽو کي دهشتگردي جي ڪري وڃايو، رڳو ڪنهن خاص طبقي جي خلاف ڪارروايون نه پيا ڪيون. هن چيو ته فيصل رضا عابدي وٽان بنا لائسنس وارا هٿيار هٿ آيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *