دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان فوج مهارت رکي ٿي، پاڙيسري ملڪ به فائدو وٺي سگهن ٿا: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي هٿياربند فوج خاص تجربو ۽ مهارت رکندڙ آهي جنهن مان اسان جا پاڙيسري ملڪ به فائدو وٺي سگهن ان ڏس ۾ اسان پنهنجن سمورن دوستن سان مخلص سهڪار جي آڇ ڪيون ٿا اقتصادي راهداري وانگر آپٽڪ هاءِوي مواصلاتي رابطن کي وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيندي ۽ هن خطي جي ريگستانن جبلن ۽ سمڊن مان لنگهدڙ تيل ۽ گئس جون پائپ لائينو صنعت ۽ ٽيڪنالوجي جو هڪ نئون جهان تخليق ڪنديون آچر تي ڇهن ملڪن جي پهرين اسپيڪر ڪانفرنس کي خطاب مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي صدر چيو ته خطي جي اهم دوست ۽ برادر ملڪن جي اسپيڪر جي ميزباني منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي مان اسلام آباد جي خوبصورت هوائن ۾ دل سان اوهان سڀني جي آجيان ڪيان ٿو اميد آهي ته هي ڪانفرنس خطي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ علائقائي ترقي ۽ خوشحالي جي موقعن مان فائدو وٺڻ جي سلسلي ۾ فائديمن ثابت ٿيندي ڇو ته ان دوران اوهان جون گڏيل ملاقاتون ۽ صلاح مشورا هڪٻئي کي وڌيڪ سمجهڻ ۽ تعاون جي نون امڪانن جا دروازا کولڻ جو ذريعو بڻجندو هن چيو ته پاڪستان ايران چين ترڪي روس ۽ افغانستان اهڙا پاڙيسري دوست ۽ برادر ملڪ آهن جن جي جاگرافيائي گڏيل قدر ۽ خيال ۽ هڪ جهڙيون حالتون پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا وسيع موقعا فراهم ڪن ٿا پاڪ چين اقصادي راهداري جا رستا ۽ ريلوي لائيون خطي کي پاڪستان جي ذريعي سڄي دنيا سان ڳنڏي رهيون آهن ان جذبي سان اسان خطي جي سمورن ملڪن کي اقتصادي راهداري ۾ شرڪت جي پرخلوص دعوت ڏيون ٿا هن چيو ته هي خطو جنهن اقتصادي استحڪام ۽ خوشحالي جو خواب ڏسي رهيو آهي ان تعبير عوامي ۽ علائقائي امن استحاڪ ۽ هڪٻئي سان خيرخواهي جي پاڪ جذبي سان مشروط آهي. صدر چيو ته عوام جي حق خوداختياري ۽ بنيادي حق ڦٻائڻ سان مسئلا پيدا ڪري ٿي جنهن جو هڪ مثال ڪشمير جو مسئلو آهي جنهن جو عوام گذريل ستن ڏهاڪن کان پنهنجي بنيادي انساني حقن کان محروم آهي پاڪستان سمجهي ٿو ته هن مسئلي ننڏي کنڊ جو امن داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي انلاءِ ضروري آهي ته هي پراڻو مسئلو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو عوام ۽ گڏيل قومن جي قرارداد مطابق فوري طور تي حل ڪيو وڃي تهجيئن هن خطي مان جنگ جا ڪڪر ٽري سگهن. هن چيو ته آخر ۾ مان اوهان جو پاڪستان ۾ هڪ دفعو ٻيهر اچڻتي تي خيرمقدم ڪيانٿو ۽ وڏي خوشي سان پهرين اسپيڪر ڪانفرنس جو باقاعده افتتاح ڪيان ٿو مون کي يقين آهي ته هتي اوهان جو قيام خوشگوار رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *