دهشتگردي ٽوڙ عدالت گلو بٽ کي 11 سال 3 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

لاهور (بيورو) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت،ماڊل ٽائون سانحي دوران گاڏين جا شيشا ٽوڙيندڙ مک جوابدار گلوبٽ کي 11 سال، ٽي مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ماڊل ٽائون سانحي دوران گاڌين کي نقصان پهچائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت، گاڏين کي نقصان پهچائڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار گلوبٽ کي 11 سال، 3 مهينا قيد ۽ هڪ لک 15 هزار رپيا ڏنڊ جي پڻ سزا ٻڌائي. عدالتي فيصلي بعد جوابدار گلوبٽ جج کان معافيون گهــُرندو رهيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته گلو بٽ جي ڪري سڄي دنيا ۾ملڪ جي بدنامي ٿي آهي. فيصلي بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي گلوبٽ جي وڪيل چيو ته هو دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائيندا. هوڏانهن عدالتي فيصلي بعد پوليس گلو بٽ کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *