دهشتگردي هڪ گڏيل دشمن آهي جنهنجي خاتمي لاءِ جدوجهد سڀني جي ذميواري آهي: صدر/وزير اعظم

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي صدر ممنون حسين ترڪي جي شهر انقره ۾ بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڏک ۽ افسوس جي هن گهڙي ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن جي ڏک ۾ گڏ آهي هن چيو ته پاڪستان خود دهشتگردي جو شڪار آهي ۽ ڪنهن به هنڌ تي هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو پاڪستان جي صدر ممنون حسين بم ڌماڪي ۾ مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي زخمي ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.

ٻئي طرف وزيراعظم محمد نوازشريف انقره ۾ دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ حڪومت کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي ۽ هن ڏکئي وقت ۾ اسان پنهنجي ترڪ ڀائرن سان گڏ آهيون هڪ مذمتي بيان ۾ نوازشريف چيو ته دهشتگردي هڪ گڏيل دشمن آهي ۽ جي خاتمي لاءِ جدوجهد سڀني جي ذميواري آهي هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ دهشتگردي جي ڪارروائي جي خلاف پختو عزم رکي ٿو هوڏانهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ترڪي جو عوام پنهنجي مضبوط ازم ۽ جذبي سان دهشتگردي کي فيصلائتي شڪست ڏيندو انقره جي سينٽرل علائقي ۾ ڪار خودڪش حملي سان ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *