دهشتگردي سڄي ملڪ لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي سڀني کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي: عمران خان

پشاور(م.ڊ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جو دورو ڪري سانحي جا تفصيل ورتا، جنهن کانپوءِ هن اسڪول جي شهيد پرنسپال جي گهر وڃي سندس پونئرن سان تعزيت ڪئي، اسڪول جي دوري وقت ڪيترن ئي متاثرن عمران خان کي روڪي کانئس پڇيو ته جنهن تبديلي لاءِ هنن ووٽ وِڌا، اُها ڪٿي آهي؟ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي نيٺ پشاور جو اُهو آرمي پبلڪ اسڪول ياد اچي ويو، جنهن ۾ دهشتگردن خون جي هولي کيڏي معصوم ٻارڙن کي رت سان وهنجاريو ۽ سوين امڙين جون هنجون خالي ڪرايون عمران خان، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ سان گڏ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ اتي پيش آيل سانحي جا انتظاميه کان تفصيل ورتا ۽ واردات وارا سڀئي هنڌ گهمي ڏٺا. ان موقعي تي سڪيورٽي ايتري ته هاءِ الرٽ هئي، جو هڪ صوبائي وزير کي به تلاشي وٺي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ڇڏيو ويو. عمران خان ۽ وڏي وزير خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران اسڪول جي دوري وقت سانحي ۾ پنهنجا پيارا وڃائيندڙ ڪيتريون ئي مائرون ۽ پيئر موجود هئا، جن عمران خان کي ڏوراپا ڏنا ته هنن کين تبديلي لاءِ ووٽ ڏنا هئا پر هيءَ ڪهڙي تبديلي آهي، جنهن ۾ سندن ٻچن کي ڪُٺو پيو وڃي. ان موقعي تي عمران خان متاثرن کي تسلي ڏني ته ساڻن انصاف ڪيو ويندو، سندس چوڻ هو ته دهشتگردي سڄي ملڪ لاءِ ناسور بڻجي وئي آهي ۽ ان خلاف ويڙهه لاءِ سڀني ڌرين کي متحد ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي. بعد ۾ عمران خان آرمي پبلڪ اسڪول جي پرنسپال طاهره قاضي جي گهر وڃي سندس پونئرن سان به تعزيت ڪئي. ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته دهشتگردن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي ۽ کين منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *