دهشتگردي خلاف ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، پاڪستان مان دهشتگردي ختم ڪنداسين: پرويز رشيد

اسلام آباد  (بيورو) سڌ سماءَجي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، پاڪستان مان دهشتگردي ختم ڪري سک سان ويهنداسين، 2018 جي چونڊن ۾ عوام فيصلو ڪندو، پاڪستان ڪنهن ٺاهيو آهي هڪ انٽروويو ۾ هن چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي، عالمي برادري دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪري رهيو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ مان بيروزگاري، غربت، لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، اقتصادي راهداري سان ملڪ جي قسمت جاڳي پوندي ۽ 2018 جي عام چونڊن ۾ عوام فيصلو ڪندو ته نئون پاڪستان ڪنهن ٺاهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *