دهشتگردي خلاف سنڌ، وفاقي حڪومت، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هڪ پچ تي آهن: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني سان گڏجي آچر ڏينهن  شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 62 هين سالگرهه جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، مرحومه بيگم نصرت ڀٽو ۽ مرحومه امير بيگم جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح پڙهي ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت ۽ عوام لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي. انهيءَ جدوجهد جي ڪري صدين تائين کيس ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت شهيد بينظير ڀٽو جيفلسفي تي عمل ڪري رهي آهي. اسان سندس پاليسين تحت عوام جي خدمت ڪري رهيا آهيون ۽ ڪندا رهنداسين، عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ سندس راهه تي عمل ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڊي جي رينجرز کي لکيل خط بابت ميڊيا وڌائي پيش ڪيو. رينجرز هڪ وفاقي ادارو آهي جيڪو دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ سنڌ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت، فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هڪ پچ تي ڪم ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ جيڪي رنجشون پيدا ٿيون آهن، اهي به جلد ختم ٿي وينديون ۽ گڏجي دهشتگردن کي ختم ڪنداسين. ايم ڪيو ايم جي سنڌ حڪومت ۾ شموليت بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ان بابت في الحال ڪجهه به خبر ناهي، ايم ڪيو ايم سان ڪنهن دوست معرفت ڳالهيون ٿي رهيون آهن ان بابت وڌيڪ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهان. نواز ليگ سان اختلافن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اسان نواز ليگ نه پر وفاقي حڪومت سان دهشتگرديءَ جي خاتمي ۽ سنڌ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اڳتي به ڪندا رهنداسين

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *