دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي پاڪ فوج ۽ عوام جي ٿيندي: وزيراعظم

لاهور (بيورو) وزيراعظم نوازشريف سان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي ملاقات، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نوازشريف جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي پاڪ فوج ۽ عوام جي هوندي. رائيونڊ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ شهباز شريف وزيراعظم کي امن امان تي تفصيي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيشنل ايڪشن پلان موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي دهشتگردن جا ارادا مٽي ۾ ملائڻ لاءِ متحرڪ آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومتون امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻن. ملاقات ۾ سينيٽ چونڊن،  پنجاب جي گورنر جي مقرري سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *