دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: وزير اعظم

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي ملاقات ۾ ملڪي جي اندروني سڪيورٽي ۽ سرحدي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آپريشن رد الفساد ۽ خيبر فور ۾ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج جون قربانيون فخر جوڳيون آهن. وزيراعظم شآهد خاقان عباسي چيو ته پاڪ سرزمين تان دهشتگردي جا پاڙ پٽي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *