دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف نه پيو ڪيو وڃي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي سان برطانوي وزيراعظم جي دهشتگرديٽوڙ بابت خاص نمائندي ڪلويس مٿ بيڪر ملاقات ڪئي،گهرو وزير جو چوڻ آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عالمي سطح تي پاڪستان جي قربانين جو اعتراف نه ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ برطانوي وزيراعظم جي دهشتگردي ٽوڙ بابت خاص نمائندي ڪلويس مٿ بيڪر ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر فلپ بارٽن ،گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دهشتگردي جي خاتمي بابت غور ويچار ڪيو ويو. برطانوي وزيراعظم جي دهشتگردي ٽوڙ بابت خاص نمائندي ڪلويس مٿ بيڪر چيو ته برطانيه دهشتگري جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. گهرو وزير چوڌري نثار علي ان موقعي تي چيو ته ملڪ ۾ امن جي بحالي پهرين ترجيح آهي. چوڌري نثار علي جو چوڻ هو ته عالمي سطح تي پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *