دهشتگردي خلاف جنگ ڪاميابي سان جاري آهي، ڏوهن ۾ 80 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ملاقات ڪئي، وڏي وزير چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ڪاميابي سان جاري آهي، ڏوهن ۾ 80 سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي..وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن ملاقات ڪري صوبي ۾ تعليم، صحت ۽ ٻينشعبن ۾ آمريڪي سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي..وڏي وزير آمريڪي سهڪار جي ساراهه ڪندي چيو ته امريڪا جي مدد سان جيڪب آباد ۾ تعمير ٿيندڙ اسپتال مان 3 لک ماڻهن کي خاص فائدو ٿيندو..هن چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ گھڻي بهتري آئي آهي، پاڪ فوج سان گڏ رينجرس ۽ سنڌ پوليس شاندار ڪارناما سرانجام ڏنا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *