دهشتگردي خلاف جنگ فيصلائتي مرحلي تي پهچي چڪي آهي: نواز شريف

ڊيووس (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف، پاڪستان کي سيڙپڪاري لاءِ بهترين ملڪ قرار ڏيندَي چيو آهي ته سرڪار شفاف پاليسيون جوڙي رهي آهي، جڏهن ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل جاري آهي. سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ واپارين کي خطاب ڪندَي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي. نواز شريف چيو ته گهرو سلامتي جي صورتحال بهتر ٿيڻ سان معيشت تي سٺا اثر پيا آهن، پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ بهترين ملڪ بڻجي چڪو آهي. دهشتگردي خلاف جاري جنگ بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ٿيڻ سبب دهشتگردي خلاف جنگ فيصلائتي مرحلي تي پهچي چڪي آهي. نواز شريف چيو ته پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي آئي آهي، ملڪ کي مڪمل طور محفوظ بڻائڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاران انساني وسيلن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ سبب پرڏيهي سيڙپڪارن جا پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ حوصلا وڌائي رهيا آهن. نوازشريف چيو ته ملڪ ۾ پائيدار ترقي لاءِ معاشي سڌارا آندا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ميڊيا آزاد ۽ سول سوسائٽي متحرڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *