دهشتگردي خلاف جنگ فوج ۽ عوام جي مدد سان کٽڻي آهي: عامر خان

پشاور (بيورو) پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان راولپنڊي ۾ آرمي چيف سان ملاقات ڪرڻ بعد پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪندي چيو آهي ته فوج ۽ عوام جي مدد سان دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻي آهي. باڪسر عامر خان جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان ملاقات ڪري پشاور سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آرمي چيف سان ملاقات لاءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪردار ادا ڪيو، جنهن لاءِ هو سندس ٿورائتو آهي. آرمي چيف سان ملاقاتبعد باڪسر عامر خان پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان چيو ته پشاور ۾ دهشتگردي واري واقعي دوران رڳو معصوم شاگردن ۽ استادن کي  شهيد نه ڪيو ويو پر ملڪ جي مستقل تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي ٻارڙن کي لازمي تعليم حاصل ڪرڻي آهي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ فوج ۽ عوام جي مدد سان کٽڻي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *