دهشتگردي خلاف جنگ تي سڄي دنيا جون نظرون آهن: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءُ وارو وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته قبائلي علائقن ۾دنيا جو امن ۽ پاڪستان جو مستقبل جڙيل آهي، ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان ڇوٽڪاريو ڏياريو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته حڪومت امن جي بحالي لاءِ اتر وزيرستان سميت مختلف علائقن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي، جنهن گهڻي ڀاڱي ڪاميابيون به مليون آهن. هن چيو ته دهشتگردن خلاف جنگ تي سڄي دنيا جون نظرون آهن، قوم کي متحد ٿيڻ گهرجي.  سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻايو ويندو، جتي ڪنهن به ٻار جا والدين کيس ٻاهر موڪلڻ بعد پريشان نه ٿين. پرويز رشيد عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ سربراهه ڌرڻن جي سياست ڪري ملڪ کي مالي نقصان پهچائڻ جي سازش ڪئي، جنهن ۾ ناڪام رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *