دهشتگردي خلاف ايڪشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون، قومي ايڪشن پلان تي تمام صوبا فوري عملدرآمد يقيني بنائن، تيل جي پهچ يقيني بنائڻ لاءِ متعلق وزارتون ۽ ادارا ڪوششون جاري رکن. اڱاري ڏينهن وزيراعظم نواز شريف جي سربراهي ۾ توانائي ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، ناڻي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد متعلق بريفنگ ڏني ۽ اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهيون ۽ ان جي خاتمي لاءِ هر صورت پهه ڪري رکيو آهي، دهشتگردي روڪٿام جو قومي ايڪشن پلان تمام سياسي پارٽين متفقه طور تي بنايو هاڻ ان تي تمام صوبا تڪڙو تيز رفتار عملدرآمد يقيني بنائن ۽ وفاق جي سمورن يونٽس جي اها ذميداري آهي ته قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪن، اجلاس ۾ وزيراعظم پيٽرول جي سپلاءِ صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا تيل جي پهچ يقيني بنائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *