دهشتگردي خطي لاءِ ناسول بڻيل آهي، شدت پسندن جي پليت ارادن کي شڪست ڏني ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خطي لاءِ ناسور بڻيل آهي، شدت پسندن جي پليت ارادن کي شڪست ڏني ويندي، ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مري ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير پرويز رشيد ڊولپمنٽ اٿارٽي جي عملدارن ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته پوري ملڪ ۾ ترقياتي منصوبا تيزي سان شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته دهشتگردي خطي لاءِ ناسول بڻيل آهي شدت پسندن جي پليت ارادن کي شڪست ڏني ويندي. نواز شريف جو چوڻ هو ته  ملڪ ۾ امن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا. وزير اعظم چيو ته دهشتگردي سبب ملڪ جي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي، اسان جي هٿياربند پاڪ فوج ملڪ دشمنن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، هاڻي اهي اڳتي اٿي بيهڻ جي صلاحيت وڃائي چڪا اهن، تمام جلد سندس خاتمو ڪيو ويوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *