دهشتگردي جي لعنت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ميڊيا ۽ تعليمي ادارن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: سعودي مفتي اعظم

جده (اي پي پي) سعودي عرب جي مفتي اعظم شيخ عبدالعزيز چيو آهي ته دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ اسلامي فرض آهي ۽ ان لعنت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ميڊيا ۽ تعليمي ادارن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سعودي اخباري جي رپورٽ موجب گذريل ڏينهن پنهنجي هفتيوار ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته انتهاپسندن طرفان مذهب جي غلط استعمال سان اسلام جي ساک خراب طريقي سان متاثر ٿي آهي.هن چيو ته دهشتگرد پنهنجي غير انساني ڪمن کي اسلام سان ڳنڍين ۽ الله ڏسي ٿو ته اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ اسلامي فرض آهي ۽ ان جنگ ۾ ٻين ادارن سان گڏ ميڊيا ۽ تعليمي ادارن کي پڻ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *