دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڀارت سان تعاون ڪنداسين، پاڪستان جي سرزمين دهشتگري لاءِ استعمال نه ٿيندي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت هر قسم جي دهشتگردي جي هڪ ڀيرو ٻيهر مذمت ڪندي چيو آهي ته سمورن دهشتگردن ۽ سمورين تنظيمن خلاف ڪارروائي تي مڪمل يڪراءِ آهي، دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ ڀارت سان تعاون ڪيو ويندو، پٺاڻ ڪوٽ حملي جي حوالي سان ڀارتي حڪومت سان رابطو رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ ٺوس، بامقصد ۽ جامع ڳالهين واري عمل تي قائم رهن، اعليٰ سطحي اجلاس جمعي تي وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، اسحاق ڊار، چوڌري نثار علي خان، سرتاج عزيز، ناصر خان جنجوعا، ليفٽننٽ جنرل محمد رضوان اختر، اعزاز احمد چوڌري ۽ ڊي جي ملٽري آپريشن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پاڪستان پاران هر قسم ۽ هر شڪل جي دهشتگردي جي سخت مذمت جو عزم ورجايو ويو، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ڪارروايون سان غير معمولي ڪاميابيون مليون آهن ۽ سڀ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، اجلاس ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي عوام سمورن دهشتگردن ۽ دهشتگرد تنظيمن خلاف ڪنهن به امتياز خلاف ڪارروائي لاءِ سياسي يڪراءِ قائم ڪئي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪنهن دهشتگرد کي دنيا ۾ ڪٿي ۾ پاڪستان جي سرزمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *