دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي عدالتن کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي: سراج الحق

پشاور(م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي عدالتن کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو ناهي، پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته پشاور جي شهرين تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن هتي تابوتن ۽ ڪفن جو ڪاروبار عروج تي آهي پر پشاور سانحي پوري دني ۾ انسانيت کي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي شهيد ٻارڙن جي رت جي خوشبوءِ اڄ به محسوس ڪري رهيو آهيان اسڪول جي سانحي تي هر پاڪستاني پريشاني ۽ ڏکايل آهي، الله تعاليٰ سڀني کي اهڙي ڏينهن کان بچاءِ ان جي دعا آهي ته هي واقعو آخري هجي، هاڻ گڏجي هڪ اسلامي پاڪستان بڻائڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ انشاءَ الله 2015ع پاڪستان ۾ امن جو سال هوندو، سراج الحق وڌيڪ چيو ته فوجي عدالتون عبوري حل آهي جنهن ۾ جوابدارن کي صفائي جو پورو موقعو فراهم ڪيو ويندو فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو فيصلو انتهائي مجبوري ۾ ڪيو ويو آهي ملڪ جي سمورين پارٽين کي فوجي عدالتن تي خدشا هئا ان لاءِ انهن جو مدو 2 سال رکيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *