دهشتگردي جي خاتمي جي شروعات ٿي چڪي، فيصلائتي جنگ پيا وڙهون: نويد مختار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار چيو آهي ته ڪراچي آپريشن غير سياسي ۽ بنا فرق جي ٿي رهيو آهي، ڪنهن کي ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڪراچي ۾ رينجرز اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار چيو ته دهشتگردي خلاف ڪارروائي آخري ڪاوش ۽ منزل ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون ٽوڙيون وينديون، پرامن ڪراچي مضبوط پاڪستان جي علامت آهي. ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڪراچي جي عوام جو اعتماد بحال ٿي ويو آهي. ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار چيو ته رينجرز دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ وڙهي رهي آهي، ڪراچي ۾ بنا فرق ۽ غير سياسي آپريشن ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *