دهشتگردي جو ڪو به ٿاڪ ناهي، پاڪستان ڪنهن لاءِ به ڀاڙي جي فوج جو ڪم نه ڪندو: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن لاءِ به ڀاڙي جي فوجي جو ڪم نه ڪندو، اهو ئي ڪنداسين جيڪو ملڪي مفاد ۾ هوندو. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جو ڪو به ٿاڪ ناهي، نه ٿا چاهيون ته آمريڪا تڪڙ ۾ افغانستان مان نڪري وڃي، افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي ۽ پاڪستان ڳالهين جي عمل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو، سپر پاور سان ڪير بهتر لاڳاپا نه رکڻ چاهيندو آهي پر پاڪستان آمريڪا سان اهڙا ئي لاڳاپا چاهي ٿو جيئن ٻطرفا لاڳاپا چين سان آهن. هن چيو ته اسان واشنگٽن سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پر  اسان آمريڪا لاءِ جنگ نه وڙهنداسين، منهنجي ٽرمپ سان ٽوئيٽر تي ڪابه جنگ ناهي پر رڪارڊ جي درستگي ڪئي اهو انڪري آهي جو اسان کي افغانستان ۾ آمريڪا جي ناڪام پاليسين جو ذميوار  قرار ڏنو پيو وڃي. وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ واضح ڪري ڇڏيان ته ڪڏهن ڪنهن جي جنگ نه وڙهنداسين ۽ نه ئي ڪنهن جي سامهون جهڪنداسين اسان سڀني سان امن ٿا چاهيون. اسلام آباد ۾ بلوچستان جي شاگردن کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته قوم نظريي سان آهي ۽ نظريو نه رهندو ته قوم نه رهندي، قائد اعظم پوري ڪوشش ڪئي ته مسلمان ۽ هندو گڏ ٿي رهن، قائد اعظم محسوس ڪيو ته مسلمانن جي لاءِ لڳ ملڪ ضروري آهي، اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ملڪ ڇو بڻيو، اڄ ڀارت ۾ جيڪي مسلمان جو حاصل آهي اُهو اُتي نظر ئي ناهي ايندو ته مسلمانن کي برابري جا حق ملندا، ڀارت ۾ مسلمانن جو اڄ ڪو به سربراهه ناهي. هن چيو ته جمهوريت جو مطلب حڪمران جو قانون جي هيٺان هئڻ آهي پر اسان جمهوريت کان بادشاهت تي اچي ويا آهيون، چين مديني جي رياست جي اصولن تي هلي 70 ڪروڙ عوام کي غربت مان ڪڍيو پر پاڪستان ۾ امير امير ٿيندو ويو ۽ غريب غريب ئي رهجي ويو، جيڪي علائقي اڳتي هئا انهن تي وڌيڪ پيسو لڳايو ويو جنهن سان گهٽ ترقي يافته علائقا وڌيڪ پوئتي رهجي ويا. هن چيو ته اندازو لڳايو ويو ته لاهور ۾ هڪ انسان تي 70 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا جڏهن ته ننڍي علائقي راجن پور ۾ جتي پيسي جي ضرورت هئي اتي هڪ انسان تي اڍائي هزار رپيا خرچ ڪيا ويا اهڙي طرح امير ۽ غريب علائقين ۾ فرق وڌندو ويو. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته هن ملڪ کي کڻڻو آهي ته نبي ڪريم ته جي اصولن تي کڻداسين، اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي ڪمزور علائقن کي اڳتي آڻيون، بلوچستان پوئتي رهجي ويو پر هاڻ هن کي سٺو وڏو وزير مليو آهي، اسان عورتن جي لاءِ اسپيشل پروگرام آڻي رهيا آهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *