دهشتگردي جا واقعا معيشت تي اثر انداز ٿي رهيا آهن:اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته دهشتگردي جا واقعا معيشت تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، حڪومت ملڪ ۾ امن قائم ڪرائڻ ۽ معيشت جي بهتري لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي، ايندڙ 3 ورهين اندر توانائي بحران تي ضابطو آندو ويندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته دهشتگرد واقعن سبب ملڪي معيشت تي خراب اثر پئجي رهيا آهن. هـُن چيو ته حڪمران ليگ ملڪ ۾ امن قائم ڪرائڻ ۽ معيشت جي بهتري لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ اندر امن امان جو مسئلو هجڻ باوجود معيشت ۾ بهتري آئي آهي، جنهن جو سڄي دنيا اعتراف ڪيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان توانائي واري شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن سبب بحران شديد ٿي ويو. اسحاق ڊار چيو ته توانائي بچائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير هڪ ڀيرو ٻيهر اميد ڏيکاري ته ايندڙ 3 ورهين دوران توانائي بحران تي ضابطو اچي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *