دهشتگردي تي وڏي وزير کان استعيفيٰ گهرڻ صحيح ناهي، شڪارپور سانحي جا جوابدار انجام تي پهچندا: خورشيد شاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جا واقعا ٿيندا رهندا پر ان تي سنڌ جي وڏي وزير کان استعيفيٰ گهرڻ صحيح ناهي، نجي هوٽل ۾ سنڌي لوڪ ڪانفرنس جي افتتاح سيشن کي خطاب ۾ خورشيد شاهه چيو ته ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قاتلن کي 10 ڏينهن ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ جلد ئي دهشتگردن جي انهن واقعن جو توڙ ڪڍي وٺنداسين، حڪومت ويهندي آهي ۽ پنهنجو لائحه عمل طئه ڪندي آهي 21 هين ترميم تي ڳالهائيندي  هن مولانا فضل الرحمان کي مشورو ڏنو ته هو پاڻ نواز شريف کي مڃائي آخر حڪومت جو حصو به ته آهي، شڪارپور سانحي جي حوالي سان هن جو چوڻ هو ته شڪارپور ۾ اسپتال آهي پر جديد سهولتون ناهن ان لاءِ زخمين کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *