دهشتگردي ايتري قدر وڌي چڪي آهي جو ان کي روڪڻ ڏکيو آهي: ناصر شاهه

جيڪب آباد (اين اين آءِ) سنڌ جي بلديات جي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته دهشتگردي ايتري قدر وڌي چڪي آهي جو ان کي روڪڻ ڏاڍو ڏکيو آهي جيڪب آباد ڌماڪي جي زخمين جي عيادت جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت محرم دوران تخريبڪاري کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جڏهن ته دهشتگردي ايتري قدر وڌي چڪي آهي جو ان کي ٻنجو ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي هن چيو ته جيڪب آباد ۾ ٿيل ڌماڪو آپگهاتي هيو ۽ هن واقعي ۾ جيڪي ماڻهو شهيد ٿيا اهي سڀ اسان جا پنهنجا آهن ڌماڪي جي ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جلوسن کي بهترين سڪيورٽي ڏني، مظاهرين اڃا تائين ڪو به مطالبو ناهي ڪيو ۽ انهن جا جيڪي مطالبا هوندا مڃيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *