دهشتگرديءَ خلاف جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين: آرمي چيف

ڪولمبو(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف چيو آهي ته هڪ قوم جي حيثيت سان دهشتگردي کي ضرور پاڙان پٽيو ويندو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آئي ايس پي آر) مطابق جنرل راحيل شريف پنهنجي سري لنڪا جي ٽن ڏينهن واري دوري دوران هاڪاري ملاقاتون ڪيون، آرمي چيف جي دوري سان پاڪ-سري لنڪا فوجي لاڳاپا به مضبوط ٿيا آهن. ان موقعي تي جنرل راحيل شريف جو چوڻ هو ته قوم جي راضپي سان ضرب عضب آپريشن ڪاميابي سان هلي رهيو آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ امن ۽ سلامتي آڻڻ آهي. جنرل راحيل شريف ڪوئيٽا ملٽري اڪيڊمي مان سکيا وٺندڙ سريلنڪن فوجي آفيسرن کي به خطاب ڪيو، آرمي چيف جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سريلنڪن فوج جون قربانيون ۽ عزم ساراهه جوڳو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *