دهشتگردي، مني لانڊرنگ، گينگ وار ۾ ملوث وڏا ڪردار ٻين ملڪن ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪيل ڪرپشن جو پيسو ڪرپٽ شخصتين کي ٻاهرين ملڪ فرار ٿيڻ ۾ استعمال ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري جاچ ادارن کي گهربل جوابدارن جي گرفتاري ۾ ڏکيائي ٿي رهيو آهي،ڪارين رڍن جي مدد سان ڪرپشن ۾ ملوث وڏا وڏا مانگر مڇ پيسو کارائي ملڪ مان فرار ٿي رهيا آهن، ڪراچي ۾ جاري آپريشن دوران ڪرپٽ آفيسرن ۽ ان کان اڳ دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، مني لانڊرنگ ۽ گينگ وار ۾ ملوث وڏا وڏا ڪردار پاڪستان مان فرار ٿي ٻاهرين ملڪ پهچي ويا آهن، پاڪستان مان فرار ٿيڻ ۾ مختلف کاتن جي ڪارين رڍن ڳري رشوت وٺي ڪردار ادا ڪيو، سنڌ ۾ 230 ارب رپين جي ڪاري ناڻي ۽ وڏي پيماني تي ڪرپشن ۾ ملوث طاقتورشخصتين جي آس پاس گهيرو تنگ ٿيڻ جو اعلان ٿيندي ئي وڏا وڏا مانگر مڇ فرار ٿي ويا، قادر ڪاڪا، نثار مورائي سميت اهم ماڻهو رستو روڪي نه سگهيا، منظور ڪاڪا گلگت مان چين جي رستي ڪينيڊا هليو ويو، نثار مورائي خليجي رياست هليو ويو، فشري لائيو اسٽاڪ جو اڳوڻو سيڪريٽري لائق ميمڻ جيڪو وڏي غبن ۾ ملوث آهي اهو پهريائين ٻاهرين ملڪ ويٺو آهي، لياري گينگ جو اهم ڪردار عزيز بلوچ آپريشن وقت ٻاهر وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، بابا لاڏلا بابت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڻ تصديق ٿيل رپورٽ ڏين ٿا ته هو مارجي ويو آهي، ذريعن مطابق عزير بلوچ کي پاڪستان واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻين ماڻهن کي پاڪستان آڻڻ لاءِ اڃاتائين ڪي ٺوس قدم نه کنيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *