دهشتگردي، فرقيواريت ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ميڊيا ڪردار ادا ڪري: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي، فرقيواريت ۽ انتهاپسندي جي خاتمي ۾ ميڊيا کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ضابطه اخلاق تي اتفاق سٺي اڳڀرائي آهي. پي ايم هائوس اسلامآباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان سندس خاص مددگار عرفان صديقي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران عرفان صديقي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نئين ضابطا اخلاق تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. ملاقات دوران ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم نواز شريف اليڪٽرانڪ ميڊيا جا نوان ضابطا اخلاق جوڙڻ بابت عرفان صديقي جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي کي ڀيٽا پيش ڪئي. وزيراعظم چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ضابطا اخلاق تي اتفاق سٺي اڳڀرائي آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ قومي مفاد تي ميڊيا جو ڪردار هميشه اهم رهيو آهي، حڪومت ميڊيا جي آزاديءَ تي مڪمل يقين رکي ٿي. نواز شريف چيو ته دهشتگردي، فرقيواريت ۽ انتهاپسندي جي خاتمي ۾ ميڊيا کي ڪردار ادا ڪرڻ گهـُرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *