دهشتگردن ۽ قاتلن خلاف ڪيس هارائڻ گناهه آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جَي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته دهشتگردن خلاف ڪيس هارائڻ افسوسناڪ آهي، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ آءِ جي سنڌ جوابدارن خلاف عدالتن ۾ جوڳا ثبوت پيش ڪن، ڪوتاهي برادشت نه ڪئي ويندي. سي ايم هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان پراسڪيورٽر جنرل شهادت اعواڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران دهشتگردن خلاف ڪيسز ۾ ٿيل اڳڀرائين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ شهادت اعواڻ وڏي وزير کي شڪايت ڪئي ته صوبائي حڪومت دهشتگردن خلاف ڪيسز ۾ مڪمل ڄاڻ ۽ سهڪار نه پئي ڪري، جنهن سبب هو مونجهارن جو شڪار آهن. وڏي وزير پراسيڪيوٽر جنرل کي خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومت دهشتگردن خلاف  ڪيسز ۾ ڀرپور سهڪار ڪندي. هن چيو ته ڪراچي ۾ امن جي بحالي لاءِ ڊگهي عرصي کان جدوجهد جاري آهي، دهشتگردن خلاف ڪيسز ۾ ناڪامي افسوسناڪ آهي. قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ مستقل امن لاءِ ٽارگيٽڊ آپريشن بنا ڪنهن فرق جي جاري رکيو ويندو، دهشتگردن خلاف ڪيسز ۾ ڀرپور ڄاڻ فراهم ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *