دهشتگردن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن جو هر محاذ تي پيڇو ڪيو ويندو: رانا تنوير

مريد ڪي (م.ڊ) وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته دهشتگردن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙن جو هر محاذ تي پيڇو ڪيو ويندو، مولوي فضل الله کي حوالي ڪرڻ جي حوالي سان ۽ دهشتگردي ۾ افغان حڪومت سنجينده آهي، مولوي فضل الله گروپ کي نه ڇڏيو ويندو، مريد ڪي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته دنيا ڄاڻي ٿي ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جيڪا قيمت چڪائي آهي ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مولانا زڪي الرحمان جي رهائي عدالتن جو پنهنجو نظام آهي، ڀارت جي واوايلا پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت آهي جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *