دهشتگردن کي ٻيهر منظم ٿيڻ نه ڏبو، دهشتگردي خلاف ويڙهه ملڪي بقا جي جنگ آهي:آرمي چيف

روم (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردن کي ٻيهر منظم ٿيڻ جو موقعو نه ڏيڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ملڪي بقا جي جنگ آهي، پاڪستان ۽ افغانستان هڪٻئي کان ڌار نه ٿا ٿي سگهن. آءِ ايس پي آر موجب جنرل راحيل شريف اٽلي جي شهر روم ۾ سينٽر آف انٽرنيشنل اسٽڊي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو ويو جنهن جا سٺا نتيجا مليا آهن. جنرل راحيل شريف عزم ورجائيندي چيو ته دهشتگردن کي ڪڏهن به ٻيهر منظم ٿيڻ نه ڏنو ويندو، پاڪستان سڄي دنيا ۾ به امن کي يقيني بڻائيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان هڪٻئي کان ڌار نه ٿا ٿي سگهن، ٻنهي ملڪن جو امن ۽ استحڪام هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي. جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي منزل هڪ آهي، پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو. آرمي چيف چيو ته عالمي برادري به افغان امن عمل ۾ پاڪستاني ڪردار جي ساراهه ڪئي آهي جڏهن ته جٽادار امن لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *