دهشتگردن کي واپس اچڻ امن ۽ استحڪام ۾ خلل وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين: راحيل شريف

راولپنڊي (بيورو) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف واضح ڪيو آهي ته مالاڪنڊ ڊويزن سميت ڪنهن به علائقي ۾ دهشتگردن کي واپس اچڻ ۽ امن ۾ خلل وجهڻ جي اجازت نه ڏينداسين پاڪ فوج هميشه سوات جي عوام سان گڏ آهي ۽ سويلين ادارن جي استعدادڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ مدد ملندي ڪجهه سال اڳ مالاڪنڊ ڊويزن ۾ دهشتگردي جي اونداهي جو وقت قائهو بهادر فوج سويلين فورسز ۽ عوام جون قربانيون ۽ پختي عزم جي نتيجي ۾ دهشتگردي جو خاتمو ٿي چڪو آهي. آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سومر تي ڪالاميلي جي اختتامي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن علائقي ۾ امن جي بحالي ۽ واڌي ۾ ميلن ۽ سياحت جي واپسي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي مدد جي سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ ۾ سوات جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪئي ويئي جنرل راحيل شريف  اميد ظاهر ڪئي ته سوات جي خوبصورت سرزمين تي سياحت پنهنجي عروج تي پهچندي هن يقين ڏياريو ته پاڪ فوج هميشه سوات جي عوام سان گڏ آهي هن اهو عزم به ڪيو ته دهشتگردن کي ان علائقي ۾ واپس اچڻ ۽ سوات جي امن ۾ خلل وجهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *