دهشتگردن کي فاٽا ۾ به لڪڻ جي جاءِ نه ڏني ويندي، ائي ڊي پيز جي بحالي لاءِ 100 ارب لڳندا: عبدالقادر بلوچ

اسلام آباد (بيورو) رياستن ۽ سرحدي معاملن واري وزير عبداقادر بلوچ چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردن کي ڇٿڻ لاءِ آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، ميڊيا پاڪ فوج، پوليس، سول سوسائٽي جي مدد ڪري. اسلام آباد ۾پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آءِ ڊي پيز جي ٻيهر گهر ڏانهن واپسي ۽ انهن جي بحالي لاءِ 100 ارب رپيا لڳندا، پاڪ ترڪ اسڪولن جي شاگردن پاران آءِ ڊي پيز جي بحالي لاءِ 1 ڪروڙ رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. عبدالقادر بلوچ چيو آهي ته سرڪار آءِ ڊي پيز جي بحالي  انهن جي ٿيل نقصانن جو هر صورت ۾ ازالو ڪندي، جنهن لاءِ عالمي برادري کي به اپيل ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هر شهر ۽ گهٽي ۾ به دهشتگرن خلاف آپريسن ضرب عضب ڪيو ويندو، دهشتگردن کي فاٽا ۾ به لڪڻ جي جاءِ نه ڏني ويندي. هن چيو ته هلندڙ سال ڊسمبر تائين افغان مهاجرين کي پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن باحفاظت پهچايو ويندو، جنهن دوران جيڪي به علائقا ڪليئر ٿيندا  انهن ۾ آءِ ڊي پي کي اماڻيو ويندو. وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ جو اهو به چوڻ هو ته پاڪ فوج پنهنجو ڪم بهتر نموني سان ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *