دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ قوم هٿياربند فوج سان گڏ آهي: الطاف حسين

لنڊن (م.ڊ) متحده قومي موومينٽ قائد الطاف حسين لاهور جي گرجا گهر نتي خودڪش حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ قوم هٿياربند فوج سان گڏ آهي،  لنڊن مان جاري پنهنجي بيان ۾ الطاف حسني چيو ته يوحنا آباد جي گرجا گهرن ۾ بم ڌماڪا ان وقت ڪيا ويا جڏهن ته اتي دعائيه تقريب جاري هئي جيڪو انتهائي دردناڪ ۽ دهشتگردي جو بدترين واقعو آهي هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ استحڪام ضروري آهي، معصوم ماڻهن کي عبادت دورنا بم ڌماڪا ڪري مارڻ ۽ زخمي ڪندڙ دهشتگردن ۾ انسانيت ناهي، الطاف حسين چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ضروري آهي ته دهشتگردي خلاف جاري جنگ جو رخ درست ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي خلاف جاري جنگ کي سياسي محاذ آرائي ۽ انتقامي جي ور چاڙهڻ جو عمل بند ڪري سچائي سان ملڪ ۽ قوم کي دهشتگردي کان نجارت ڏيارڻ لاءِ عملي طور تي ڪم ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *