دهشتگردن خلاف ڪارروائي افغانسان جي زميواري آهي: نواز شريف

لنڊن (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف چيو آهيت ه پٺاڻ ڪوٽ واقعي تي ڀارت پاران مليل ڄاڻ تي جاچ ڪري رهيا آهيون پٺاڻ ڪوٽ حملي ۾ جاچ اڳيان وڌندي ته حقيقتون سامهون آڻينداسين. پاڪستاني ٽيم به جلد پٺاڻ ڪوٽ جو دورو ڪندي دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ پاڪستان ڀارت سان رابطي ۾ رهندو. سعودي عرب ۽ ايران جي معاملي تي ڪنهن ٽياڪڙي لاءِ نه چيو هو خواهش آهي ته سعودي عرب ۽ ايران جا معاملا ٺيڪ ٿي وڃن. نيشنل ايڪشن پلان ۽ آپريشن ضرب عضب گڏيل صلاح مشوري سان شروع ڪيا نيشنل ايڪشن پلان تي تيزي سان عمل ٿي رهيو آهي افغان امن عمل جي حمايت ڪيون ٿا. افغانستان ۾ امن جو رستو ڳالهه ٻولهه آهي افغانستان ۾ استحڪام ايندو ته خطي ۾ استحڪام ايندو داعش جهڙي نئين ۽ وڌيڪ خطرناڪ دهشتگرد گروپن جي خطرن جي پس منظر ۾ دهشتگردي خلاف اسان جو عزم تمام وڌيڪ پختو هئڻ گهرجي. پاڙيسرين سان پرامن لاڳاپن لاءِ ڪوششون جاري رکڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي جز آهي اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته ترقي لاءِ امن ضروري آهي ۽ جٽادار امن لاءِ ترقي اهم آهي. انهن اصولن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پنهنجن سمورن پاڙيسرين ۽ خطي جي ملڪن سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ، علائقائي لاڳاپا ۽ تعاون وڌائڻ لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. هو گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي سعودي عرب ۽ ايران جي مامري تيڪ نهن ٽياڪڙي لاءِ ناهي چيو اسان پاڻ ان جي شروعات ڪئي ڇو ته اهڙن تڪرارن سان خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿئي ٿو جنهن جو اثر سڄي خطي جي ملڪن تي پوي ٿو. هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته سعودي عرب ۽ ايران جا معاملا ٺيڪ ٿي وڃن ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا پهريان جي سطح تي بحال ٿي وڃن. وزيراعظم چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۽ آپريشن ضرب عضب مشاورت سان شروع ڪيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *