دهشتگردن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رهندي: سياسي ۽ عسڪري قيادت

اسلام آباد(م.ڊ) وزير اعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ملاقات ٿي جنهن ۾ دهشتگردن خلاف بنا فرق ڪارروائي واري عزم کي ورجايو ۽ نيشنل ڪميٽي جي اجلاس جي حوالي سان ڊان نيوز ۾ شايع ٿيل خبرن جي مذمت ڪئي وئي. وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ڊي جي آءِ ايس آءِ رضوان اختر، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير چوڌري نثار شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي سلامتي ۽ علائقائي صورتحال تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سول ۽ عسڪري قيادت ڊان اخبار ۾ شايع ٿيل خبر تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ان خبر کي گڏيل طور رد ڪيو ويو، شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي سيڪيورٽي واري معاملي تي افواهه نه پکيڙڻ گهرجن. وزير اعظم نواز شريف  خبر جو نوٽيس وٺندي ذميوارن خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *