دهشتگردن خلاف آپريشن تيز ڪيو وڃي: سياسي ۽ عسڪري قيادت

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ملاقات ۾ فوجي عدالتون قائم ڪرڻ ۽ ٻين تي به غور ويچار ڪيو ويو. وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل، فوجي عدالتون قائم ڪرڻ، آپريشن ضرب عضب ۽ فوج جي پيشواراڻن معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته عسڪري ۽ سول قيادت ملاقات ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ملاقات ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم کي آپريشن ضرب عضب ۽ آپريشن خيبر ون بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ٻئي طرف وزيراعظم نوازشريف اقوام متحده ۾ نامزد مستقل نمائندي ڊاڪٽر مليهه لوڌي کي اقوام  متحده جي سترهين يوم تاسيس تي پاڪستان جو موثر آواز اٿارڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪيترن ئي اشوز تي پاڪستان بابت غلط تاثرن کي دور ڪرڻ ضروري آهي جمعي تي هتي اقوام متحده ۾ نامزد مستقل نمائندي ڊاڪٽر مليهه لوڌي وزيراعظم نوازشريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته اقوام متحده جي سترهين يوم تاسيس جي موقعي تي پاڪستان جو موثر آواز هئڻ گهرجي وزيراعظم نئين ذميواري تي ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترن ئي اشوز تي پاڪستان بابت غلط تاثر دور ڪرڻ ضروري آهي ڊاڪٽر مليهه لوڌي اهم ذميواري جي حوالي سان اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي ويراعظم کي يقين ڏياريو ته هو پاڪستان جي مفاد جو تحفظ ۽ حڪومت پاران ترجيحي طور تي اهم معاملن تي ملڪ جي اصولي موقف کي اجاگر ڪرڻ جي چئلينج تي پورو لهڻ لاءِ پنهنجون بهترين ڪاوشون ڪتب آڻيندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *