دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، بجلي کوٽ جو پورائو پهرين ترجيح آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو قوم دهشتگردي مان ڇوٽڪاري جو پڪو پهه ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب جا بهتر نتيجي نڪري رهيا آهن دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي. هن چيو ته ضرب عضب آپريشن کي انجام تائين پهچايو ويندو، ملڪ جي اندروني ۽ سلامتي واري صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. نواز شريف چيو ته بجلي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ سندن حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، 2017ع جي آخري تائين 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ اچي ويندي. وزير اعظم چيو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي بهتر ماحول فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن. نواز شريف چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال هڪاري آهي، امن امان ۾ بهتري سبب معاشي ترقي ۾ واڌارو ٿيو آهي. وزير اعظم چيو ته ٽئڪس اوڳاڙي ۾ 33 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، معاشي ترقي لاءِ کين گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *