دهشتگردن جي همدردن ۽ مالي سهڪار ڪندڙن کي به نه ڇڏيو ويندو: آرمي چيف

راولپنڊي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته دهشتگردن جي مضبوط مرڪزن جو خاتمو ڪيو ويو آهي ويڙهه هاڻي افغان سرحد ويجهو ڪجهه علائقن ۾ جاري آهي دهشتگردن سهولت ڪارن ۽ مالي مدد ڪندڙن جو به خاتمو ڪيو ويندو دهشتگردن جي خلاف زمين سوڙهي ڪئي پئي وڃي ٻيهر منظم ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي قومي عزم ۽ واضح رخ جي ڪري پاڪستان کي دهشتگردي کان پاڪ ملڪ بنائڻ جي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وينداسين روس جي دوري کان پوءِ خيبر ايجنسي ۾ فوجي جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي آرمي چيف چيو ته دهشتگردن جي خلاف گهيرو تنگ ڪيو پيو وڃي ۽ کين ٻيهر منظم ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي هن چيو ته جن علائقن ۾ آپريشن ڪيو ويو اتي تمام وڌيڪ بارودي سرنگهون وڇايون ويون هيون جن ۾ گهڻائي پرڏيهي قسم جي سرنگهن جي هئي هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن کان پوءِ دهشتگرد خيبرايجنسي جي جابلو سلسلي کي مرڪز طور استعمال ڪري رهيا آهن دوري ۾ آرمي چيف باڙه ۾ هن مرڪز جو به دورو ڪيو جتي آپريشن وقت پنهنجو پاڻ کي حوالي ڪندڙ شدت پسندن جي مختلف تعليمي ۽ وڪيشنل تربيت ڪئي پئي وڃي هن قبائلي عوام جي دهشتگردن جي خلاف ايجنسي ۾ فوج سان تعاون تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ دهشتگردن کي پنهنجن علائقن ۾ واپس نه اچڻ جي اجازت نه ڏيڻ جي عزم جي تعريف ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *