دهشتگردن جي مالي مدد روڪي وڃي: آرمي چيف

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف برطانيا جي سياسي ۽ فوجي قيادتن سان ملاقاتون ڪري دهشتگردي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. آرمي چيف جنرل راحيل شريف برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سان ملاقات لاءِ لنڊن ۾ 10 ڊائوننگ اسٽريٽ پهتو، جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. 10 ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ جنرل راحيل شريف فل گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جنهن بعد هن جي برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران دهشتگردي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف برطانيا جي بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ نيشنل سڪيورٽي ايڊوائيزر سان پڻ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ دهشتگردي خلاف سهڪار ۽ ڳجهن معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. آئي ايس پي آر موجب آرمي چيف برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سان ملاقات ۾ پرڏيهه مان ڪارروائي ڪندڙن جو معاملو به کنيو آهي، آرمي چيف دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *