دهشتگردن جي حملي کانپوءِ آرمي پبلڪ اسڪول ٻيهر کلي ويو، دهشتگرد قوم کي شڪست نٿا ڏئي سگهن: آرمي چيف

پشاور(م.ڊ) دهشتگردن جي حملي کانپوءِ پشاور جو آرمي پبلڪ اسڪول ٻيهر کلي ويو، دهشتگردن سان وڙهڻ جو عزم رکي شاگرد اسڪول پهچي ويا، آرمي چيف جنرل راحيل شريف اسڪول جو دورو ڪري شاگردن کي ڀليڪار ڪيو ۽ سندن والدين سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف چيو آهي ته سڀني جا حوصلا بلند آهن، پاڪستاني قوم کي شڪست نٿي ڏئي سگهجي.. 16 ڊسمبر تي دهشتگردي جي دل ڏاريندڙ واقعي کانپوءِ پشاور جو آرمي پبلڪ اسڪول ٻيهر کلي ويو آهي، وڏي انگ ۾ شاگرد دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جو عزم کڻي اسڪول پهتا. آرمي چيف جنرل راحيل شريف آرمي پبلڪ اسڪول پهچي ويو ۽ اسڪول آيل شاگردن کي ڀليڪار ڪيو، آرمي چيف سان سندس گهر واري به گڏ هئي، شاگرد پاڻ سان گڏ آرمي چيف کي ڏسي خوش ٿي ويا ۽ سندن دل اڃان به وڏي ٿي وئي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف شاگردن ۽ انهن جي والدين سان ملاقات ڪئي، کين آٿت ڏني ۽ سندن حوصلي کي ساراهيو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪستاني قوم کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهجي، دهشتگردي جي ملڪ مان هميشه پاڙ پٽي ويندي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ سندس گهر واري اسڪول ۾ قومي ترانو به چيو ۽ اسڪول جي استادن سان به ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پشاور پبلڪ اسڪول آيل شاگردن جا حوصلا بلند آهن…..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *